اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طلاق يافته ڌيءَ کي پينشن ڏيڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڌيءَ جي پينشن شادي جي حيثيت تي نه، حق جي بنياد تي ڏني ويندي.
جسٽس عائشه ملڪ لکيل 10 صفحن جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته پينشن سرڪاري ملازم جو قانوني حق آهي. خيرات نه، عورتن جي پينشن جو انحصار صرف مالي ضرورت تي هجڻ گهرجي نه وري شادي جي حيثيت تي.
سپريم ڪورٽ والد جي وفات کان پوءِ طلاق يافته ڌيءَ کي پينشن نه ڏيندڙ سرڪلر کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته سنڌ حڪومت جو 2022 جو امتيازي سلوڪ وارو سرڪلر غيرقانوني ۽ آئين جي خلاف آهي. پاڪستان جو عالمي معاهدن تي صحيح جي باوجود منفي مساوات ۾ بدترين رينڪنگ تي هجڻ افسوس جوڳو آهي.
درخواستگذار(طلاق يافته ڌيءَ) والد جي پينشن ٻيهر شروع ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڙڪاڻي بينچ درخواستگذار جي پينشن جي منظوري ڏني، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي خلاف سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي اپيل رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ۽ قرار ڏنو ته پينشن خيرات يا بخشش نه آهي، پر آئيني ۽ قانوني حق آهي، ڌيءَ جي پينشن کي شادي جي حيثيت سان جوڙڻ آئين جي آرٽيڪل 9. 14. 25 ۽ 27 جي ڀڃڪڙي آهي.
سپريم ڪورٽ چيو ته سرڪلر قانون جي تشريح نه پر انهي ۾ غيرقانوني شرط کي شامل ڪري رهيو آهي. پينشن جو حق بنيادي آئيني حق آهي، سرڪاري دير ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿي. عورتن کي مالي طور تي طودمختار تصور نه ڪرڻ آئيني اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. سپريم ڪورٽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو عورتن جي برابري ۾ عالمي درجو 148 مان 148 آهي.