ملڪ سخت گرمي، چولستان ۾ گرمي پد 48 ۽ سبي ۾ 46 تي پهچي ويو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي. موسميات کاتي موجب چولستان ۾ سخت گرمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جتي ٻين علائقن کان گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي چڪو آهي.مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته چولستان ۾ پاڻي جا ذخيرا خشڪ ٿي ويا آهن، جنهن سبب چوپائي مال لاءِ سخت پريشاني پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته سخت گرمي سبب صحرائي علائقن ۾ چوپايو مال مري رهيو آهي.مقامي ماڻهن وڌيڪ ٻڌايو ته سخت گرمي ۽ کوهه خشڪ ٿيڻ سبب ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور آهن. انهي کان علاوه لاهور ۾ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، گرمي جي شدت 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.ڪوئٽه ۾ گرمي پد 31 ڊگري سينٽي گريڊ، گوادر ۾ 31، لورالائي ۾ 36، خضدار ۾ 38، تربت ۾ 42 ۽ سبي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف موسميات کاتي ڏکڻ پنجاب ۾ ايندڙ 2 ڏينهن تائين گرمي جي سخت لهر برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

The country experienced severe heat