شام تان پابنديون ختم،ٽرمپ جي احمد الشرع سان ملاقات، ڳالهيون

رياض : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي پابنديون هٽائڻ جي اعلان کان هڪ ڏينهن پوءِ رياض ۾ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس کان اڳ شام جي صدر احمد الشرع سان ملاقات ڪئي.نيوز ايجنسي ”رائٽرز“ جي رپورٽ موجب آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ جي پول رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو اعلان ٽرمپ انتظاميه جي ڪجهه حصن ۾ خدشن جي باوجود سامهون آيو آهي، ڇاڪاڻ ته احمد الشريع کي اڳ ۾ ئي القاعده سان لاڳاپن جي ڪري واشنگٽن طرفان دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو.آمريڪي اتحادي اسرائيل شام لاءِ پابندين ۾ نرمي جي مخالفت ڪئي آهي، پر ٽرمپ اڱاري تي چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪي صدر طيب اردگان، ٻئي آمريڪي صدر جي ويجهو، هن کي قدم کڻڻ جي ترغيب ڏني.ڊونلڊ ٽرمپ تيل سان مالا مال خليجي رياستن جي چئن ڏينهن جي دوري تي آهي جنهن ۾ سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن.ٽرمپ جي خليجي علائقي جي چئن ڏينهن جي دوري جي پهرين ڏينهن ۾ شاندار تقريبون ۽ ڪاروباري معاهدا شامل هئا، جن ۾ سعودي عرب پاران آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۽ بادشاهت کي 142 ارب ڊالر جي آمريڪي هٿيارن جي وڪرو جو واعدو شامل آهي.اڄ سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، ٽرمپ قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ويندو، جتي هو امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ڪندو. قطر، جيڪو آمريڪا جو هڪ اهم اتحادي آهي، آمريڪا ۾ سوين ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪرڻ جي اميد آهي.

Sanctions lifted from SyriaTrump's meeting with Ahmad al-Sharia