بليڪ هول اسانجي ڪائنات جو اهڙو ڳُجهه آهي، جيڪو ڪيئي ورهين سالن کان سائنسدانن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
پر ڌرتيءَ کان 30 ڪروڙ نوري سالن جي مفاصلي تي واقع هڪ انتهائي وڏي بليڪ هول سائنسدانن جي ذهنن کي ڦيراٽيون ڏئي ڇڏيون آهن.
هڪ”SDSS1335+0728“ نالي ڪهڪشان جي وچ ۾ موجود هن بليڪ هول جو مشاهدو سائنسدان 2019 کان حقيقي وقت (ريل ٽائيم) ۾ ڪري رهيا آهن، جيڪو ڄڻ ته ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ روشنيءَ جون لهرون خارج ڪري رهيو آهي.
عام طور تي وڏن بليڪ هولن طرفان اهڙو رويو غير معمولي نه آهي، پر جنهن بليڪ هول سائنسدانن مشاهدو ڪيو آهي، جنهن کي ”آنسڪي“ سڏيو پيو وڃي، تنهن جو رويو انتهائي عجيب آهي ۽ ماهر ان جي وضاحت ڪرڻ کان لاچار آهن.
ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي محققن جي سائنسي رسالي ” نيچر آسٽرونومي“ ۾ ڇپيل تحقيق موجب، هي بليڪ هول عام بليڪ هولن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ سهگارا ايڪس ريز خارج ڪري رهيو آهي،۽ اهو 10 ڀيرا وڌيڪ روشن پڻ آهي.
سائنسدانن ٻڌايو ته هر دفعي هي بليڪ هول ٻين بليڪ هولن جي ڀيٽ ۾ سوين ڀيرا وڌيڪ توانائي خارج ڪري ٿو ۽ اهو عمل سراسري ساڍا چار ڏينهن جاري رهندو آهي، جيڪو موجود ماڊلز جي حد کان وڌيڪ آهي.
عام طور تي بليڪ هولن بابت اِهو سمجهيو ويندو آهي ته اِهي ڪائنات جا صاف ڪندڙ (Cosmic Cleaners) آهن، جيڪي ڪنهن جاءِ تي بيهي، پنهنجي چوڌاري موجود هر شيءَ کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏين ٿا.
وڏن بليڪ هولن جي ماپ وقت سان گڏوگڏ وڌندو رهي ٿي، پر اهي گهڻو ڪري خاموش يا ننڍکڙا هوندا آهن ۽ ان دوران متحرڪ نه هوندا آهن.
تحقيق موجب، 2019 ۾ ”آنسڪي“ اهو پهريون وڏو بليڪ هول بڻيو، جنهن جي جاڳڻ واري مرحلي جو حقيقي وقت ۾ مشاهدو شروع ڪيو ويو.
محققن موجب، اِهو پهريون موقعو هو جڏهن ڪنهن بليڪ هول جي جاڳڻ جي عمل جو سڌي ريت مشاهدو ڪيو ويو.
هنن ٻڌايو ته ان کان پوءِ به ڪجهه بليڪ هولن کي جاڳندي ڏٺو ويو، پر اڃا تائين هو اِهو ناهن سمجهي سگهيا ته اهڙو ڇا ٿئي ٿو جو اهي جاڳن ٿا.
ماهرن موجب، ” آنسڪي“ تي ٿيل تحقيق کين بليڪ هولن کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي.
هڪ بليڪ هول پاڻمرادو ڪا اهڙي روشني خارج نٿو ڪري، جنهن جو مشاهدو ڪري سگهجي، پر اها روشني ان جي ٻاهرئين ثقلي ماحول ۾ ٻين مادن سان ٽڪرائڻ سان پيدا ٿيندي آهي.
اهي مادا جڏهن ثقلي ڇڪ سان رهڙجن ٿا، تڏهن تمام گهڻي گرمي پيدا ٿئي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ان جي ڀرپاسي وارو ماحول جڳمڳائڻ لڳي ٿو.