ممبئي : انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ٽيم چنائي سپر ڪنگز جي 43 سالن جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهندر سنگهه ڌوني نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.سومر تي آءِ پي ايل جي ميچ ۾، چنائي سپر ڪنگز لکنؤ سپر جائنٽس کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پنهنجي ٻي فتح حاصل ڪئي.لکنؤ ۾ کيڏيل ميچ ۾ چنائي ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کان پوءِ لکنؤ سپر جائنٽس مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون.جواب ۾، چنائي آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪيو، ڌوني 11 بالن تي 26 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 4 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو. ان کان علاوه، شيوم دوبي 37 بالن تي 43 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ناٽ آئوٽ رهيو.چنائي جي مهندر سنگهه ڌوني کي سندس شاندار بيٽنگ ۽ ميچ ۾ 2 اسٽمپنگ ۽ 1 رن آئوٽ ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، جنهن سان هن آءِ پي ايل ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب، 43 سالن جو ڌوني آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ کٽڻ وارو سڀ کان وڏي عمر جو رانديگر بڻجي ويو.