اسلام آباد: وفاقي حڪومت 6 نون ڪينالن جي منصوبن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
قومي اسيمبلي اجلاس دوران آبي وسيلن بابت وافقي وزير معين وٽو لکت تفصيل ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته پنجاب لاءِ ننڍي چولستان ڍنڍ جي منصوبي لاءِ ارسا جنوري 2024ع ۾ اين او سي جاري ڪيو، اهو منصوبو پنجاب حڪومت جي مالي مدد سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته منصوبي جي ڪل لاڳت 225 ارب 34 ڪروڙ رپيا آهي، جيڪو ڊي ڊبليو پي ايڪنڪ کي موڪليو آهي پر ايڪنڪ اڃا تائين ان جي پي سي ون تي غور ناهي ڪيو
هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 15 نومبر 2024ع ۾ ارسا جو جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ رد ڪرڻ جي سمري موڪلي، جڏهن ته ٿل ڪينال منصوبي لاءِ ارسا مان اين او سي جي باضابطا درخواست ناهي ڏني وئي، واپڊا ان منصوبي لاءِ 212 ارب رپين جو پي سي ون جمع ڪرايو آهي، منصوبو في الحال منظور ٿيل ناهي
سندس موجب گريٽر ٿل ڪينال لاءِ ارسا مئي 2008ع ۾ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو، ان منصوبي جو پهريون مرحلو 10 ارب 17 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 2010ع ۾ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو پنجاب حوالي به ڪيو ويو آهي، ٻئي مرحلي جي منظوري ايڪنڪ 2024ع ۾ سي سي آءِ سان مشروط ڪري ڏني آهي.
معين وٽو چيو ته برساتي ڍنڍ منصوبي لاءِ ارسا سيپٽمبر 2002ع ۾ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو، فيز ون 17 ارب 88 ڪروڙ 60 لک رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيو ۽ ان کي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو، فيز ٽو جي تجويز کي جي او سي مشاورتي اجلاس ۾ رد ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته بلوچستان لاءِ شروع ڪيل پاڻي جي منصوبي جو اين او سي ارسا آڪٽوبر 2003ع ۾ جاري ڪيو، ان جو فيز ون 2017ع ۾ مڪمل ٿيو پر 2022ع جي ٻوڏ ۾ ان کي نقصان پهتو، واپڊا متاثر حصن جي مرمت جزوي طور روڪي ڇڏي آهي، هلندڙ مالي سال مارچ تائين ان منصوبي لاءِ 22 ارب 92 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا، جڏهن ته فيز ٽو لاءِ 70 ارب رپين جو پي سي ون تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظوري جو انتظار آهي.
سندس چوڻ هو ته خيبر پختونخواهه لاءِ سي بي آر سي ڍنڍ کي ارسا اپريل 2004ع ۾ اين او سي ڏنو، جڏهن ته ايڪنڪ 2022ع ۾ 189 ارب 61 ڪروڙ رپين جو پي سي ون منظور ڪيو، اهو منصوبو في الحال ايوارڊ جي عمل مان گذري رهيو آهي.