ڪراچي ۾ ملين مارچ: اسرائيل کي تسليم ڪندڙن جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏينداسين: فضل الرحمان

ڪراچي : جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 27 اپريل تي لاهور ۾ مينار پاڪستان آڏو ‘ اسرائيل مرده آباد ملين مارچ’ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي. جيڪي به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ، سياسي يا معاشي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا انهن جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏينداسين اسرائيل جي حوالي قائداعظم محمد علي جناح جو واضح موقف آهي ته “اسرائيل ناجائز رياست آهي”،  ڪنهن کي به انهي موقف کان هٽڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اسان سڀ مجلس اتحاد امت جي پليٽ فارم تان عالمن پاران جاري ڪيل جهادي فتويٰ جي حمايت ڪريون ٿا. اسرائيلي وزيراعظم کي انصاف جي عالمي عدالت انصاف پاران جنگي مجرم قرار ڏنو ويو آهي،  کيس ڦاسي ڏني وڃي. غزه جي مسلمانن کي اخلاقي، سفارتي ۽ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪالهه هتي شاهراه قائدين تي ملين مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته فلسطيني اڪيلا ناهن. اسين رت جي آخري ڦڙي تائين انهن سان گڏ آهيون. هن چيو ته اسرائيل عرب ملڪن جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو آهي، جڏهن ته اسلامي ملڪن جا سربراهه اسرائيل جا ڪٺ پُتلي بڻيل آهن،مسلمان حڪمرانن کي اسرائيلي جارحيت روڪي فلسطينين جي مدد ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته هڪ صدي اڳ تائين ڌرتيءَ تي اسرائيل نالي ڪا به رياست نه هئي. ليگ آف نيشنز يهودين کي هتي آباد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. برطانيه عرب دنيا ۾ اسرائيلي تڪرار ڇڏي ڏنو. اهو الزام غلط آهي  ته فلسطيني پنهنجي زمين وڪرو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ايشيا جي وسيلن کي لُٽيو ويو، پوءِ به عالمي معيشت گهمي ڦري ٻيهر ايشيا جي هٿن ۾ اچي پئي ،اڄ دنيا جي معيشت تبديل ٿي رهي آهي. ايشيا جي معيشت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن جون نظرون هتان جي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن تي آهن. جلد عالمي معيشت ايشيا جي هٿن ۾ اچي ويندي، هن چيو ته  اسان آمريڪا کي پيغام ڏيون ٿا ته عرب دنيا ۾ مداخلت بند ڪري ۽ مسلمانن جو رت وهائڻ بند ڪري. افغانستان آمريڪا لاءِ هڪ سبق آهي. ائين نه ٿئي ته آمريڪا پنهنجي دفاعي طاقت ۽ اهميت وڃائي ڇڏي، آمريڪا افغانستان مان سبق نه سکيو ته ڀورا ڀورا ٿي ويندو..

we do not skip the supporters of israel says maulana fazlur rehman