اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسرائيل بابت پاڪستان جو باني قائداعظم قومي پاليسي ڏئي چڪو آهي، حڪومت سندس قومي پاليسي تي بيٺي آهي.
قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته فلسطين مسئلو اسان جي ايمان جو به حصو آهي، حڪومت فلسطينين لاءِ امدادي سامان موڪلي رهي آهي ۽ فلسطيني ٻارن کي پاڪستان آڻي تعليم ڏني پئي وڃي.
هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو فلسطين مسئلي جي حوالي سان موقف واضح آهي، اسرائيل بابت پاڪستان جو باني پنهنجي قومي پاليسي ڏئي چڪو آهي، پاڪستان ان ئي پاليسي تي بيٺو آهي.