مڙس شوبز ڇڏڻ لاءِ چوي ھا تھ پوءِ مان مڃيان ھا: فضا علي

لاھور : پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارا، ماڊل، ڳائڻي ۽ ميزبان فضا علي شادي شده عورتن کي پنهنجن مڙسن جي فرمانبرداري ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.اداڪاره فضا علي جو هڪ مختصر وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هوءَ شادي شده عورتن کي پنهنجي مثال استعمال ڪندي سمجهائيندي ڏسي سگهجي ٿي.فضا علي پنهنجي بيان ۾ چوي ٿي ته جيڪڏهن منهنجو مڙس مون کي شوبز انڊسٽري ڇڏڻ لاءِ چيو ته مان هي انڊسٽري ڇڏي ڏيندس، مان ڪم نه ڪندس، مان جيڪو ڪمائيندس اهو خرچ ڪندس ۽ پنهنجي مڙس جي مدد ڪندس. هوءَ چوي ٿي ته مان انڊسٽري ۾ صرف پنهنجي مڙس جي اجازت سان ڪم ڪريان ها.اداڪاره وڊيو ۾ وڌيڪ چوي ٿي ته جيڪڏهن منهنجو مڙس مون کي دوپٽو ۽ نقاب پائڻ لاءِ چوي ها ته مان سڄي زندگي دوپٽو ۽ نقاب پائيان ها.

Her husband would have asked her to leave showbiz