اڄ کان پي ايس ايل ميلو شروع، لاهور ۽ اسلام آباد جو مقابلو

راولپنڊي : پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 اڄ کان شروع ٿي رهي آهي. افتتاحي تقريب اڄ 7 وڳي راولپنڊي ۾ ٿيندي. جنهن ۾ مشهور گلوڪار پرفارمنس جو جادو پيش ڪندا. سيزن جي پهرين ميچ ۾، دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿيندا. پي ايس ايل م شامل 6 ٽيمون 11 اپريل کان 18 مئي تائين ڪل 34 ميچ کي_يا ويندا. سڀاڻي 2 ميچ ٿيندا جن ۾ منجهند ساڍي 3 وڳي پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ مقابلو ٿيندو ۽ رات 8 وڳي ملتان جو ڪراچي ڪنگز سان ميدان سجندو.  ٻئي طرف، اسلام آباد ۾ پي ايس ايل جي روٽس تي ٽرئفڪ جزوي طور تي معطل رهندي. راولپنڊي پوليس 5 هزار اهلڪار سيڪورٽي لاءِ مقرر ڪيا آهن. پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوجي جوان به تعينات ڪيا ويندا. ٽرئفڪ کي جاري رکڻ لاءِ 300 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.مري روڊ کان سرينا ۽ فيض آباد ڏانهن ٽرئفڪ بند رهندي. ايڪسپريس وي، مري روڊ، فيصل ايونيو ۽ سرينگر هاءِ وي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت آهن، جڏهن ته بليو ايريا ڏانهن ويندڙن لاءِ H8 انڊر پاس استعمال ڪيو ويندو.ٽريفڪ پوليس شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سيڪٽر I ۽ H لاءِ IJP روڊ کان سروس روڊ استعمال ڪن. ان کان علاوه، باري امام ڏانهن ويندڙ نادرا چوڪ استعمال ڪري سگهن ٿا.

PSL festival starts today