نوازشريف ڊگهي وقت کان پوءِ ٻيهر سياسي ميدان ۾ اچي ويو، سموري ملڪ ۾ جلسن جو اعلان

لاهور: مسلم ليگ(ن) جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڊگهي وقت کان پوءِ سياسي ميدان ۾ واپسي اچي ويو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم عوامي رابطي جي لاءِ سموري ملڪ ۾ جلسن، جلوسن جو پروگرام ٺاهي ويو جنهن جي شروعات  پنجاب کان ڪئي ويندي.

اڳوڻو وزيراعظم بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، انهي حوالي سان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ به گذريل ڏينهن نوازشريف ملاقات ڪئي هئي.

عبدالمالڪ بلوچ  بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي نوازشريف پنهنجو سياسي ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو.

هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم سان وفاقي توانائي واري وزير سردار اويس خان لغاري به ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون.

After a long timeNawaz Sharif returned to the political arena