اسلام آباد: وفاقي حڪومت سان معاهدن تي ٻيهر ڳالهين کانپوءِ يارهن وڌيڪ آءِ پي پيز ٽيرف گهٽائڻ تي راضي ٿي ويون آهن.تفصيل موجب وفاقي حڪومت سان معاهدن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، 11 وڌيڪ آءِ پي پيز ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ نيپرا سان رابطو ڪيو.2002 جي پاور پاليسي تحت قائم ڪيل 9 بيگاس سان هلندڙ پاور پلانٽس ۽ 2 آئي پي پيز پاران نيپرا ۾ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.آفيسرن موجب، آءِ پي پيز ۽ سي پي پي اي نيپرا سان ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ هڪ گڏيل درخواست داخل ڪئي آهي، ۽ نيپرا انهن درخواستن تي 16 اپريل تي ٻڌڻي ڪندو.نيپرا جي ٻڌڻي ۾ بيگاس پاور پلانٽس لاءِ ٽيرف جي ايندھن جي قيمت جي جزو جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته ان کان اڳ، 7 آئي پي پيز 2002 جي پاور پاليسي تحت نيپرا کي درخواست جمع ڪرائي هئي.