ممبئي : گذريل ٽن ڏينهن کان بالي ووڊ ۾ شاهه رخ خان جي ايندڙ فلم ”ڪنگ“ جا چرچا آهن، جنهن جو هدايتڪاري سڌارٿ آنند ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا تي ديپيڪا پاڊڪون جي فلم ۾ ڪيميو ڪردار بابت خبرون گردش ڪري رهيون هيون، جنهن کي هدايتڪار سڌارٿ آنند رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ديپيڪا پڊوڪون ”ڪنگ“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پر هدايتڪار آنند ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته ديپيڪا فلم جو حصو نه هوندي.
رپورٽ موجب، اِهو فيصلو انڪري ڪيو ويو آهي ڇو ته آديتيا چوپڙا ”پٺان 2“ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ دپيڪا پڊڪون مُک ڪردار ادا ڪندي.
هاڻي ”ڪنگ“ بابت هڪ نئين ۽ دلچسپ اپڊيٽ سامهون آئي آهي.
فلمي ذريعن موجب، شاهه رخ خان ۽ سڌارٿ آنند سونم باجوا کي فلم ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي ۽ اداڪارا پنهنجي مصروفيتن باوجود اِها آڇ قبول ڪري چڪي آهي.