پشاور: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي حڪومت سازش سان ڪيرائڻ کان پوءِ حڪمرانن جو ڌيان صرف پي ٽي آءِ تي آهي هي هاڻ دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ پاليسي نه پيا ٺاهين، هنن کي عوام جي ڪابه پرواهه نه آهي.
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳاليون ڪندي هن چيو ته افغانستان سان ڳالهين جي لاءِ ٽي او آرز ٺاهيا آهن، ارباب نياز اسٽيڊيم بابت پي ٽي آءِ باني کي غلط ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي. مان ته حيران آهيان ته وفاق اسان تي سياسي ڪيس ٺاهي رهيو آهي، اسان جي حق جا پئسا نه پيا ڏنا وڃن، الٽو اسان تي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، اسان پنهنجو پاڻ ۾ جهيڙن ۾ مصروف آهيون، امن امان جي صورتحال تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.
هن چيو ته قرض مٿان قرض ورتا پيا وڃن. انهن جي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي، پنجاب اشتهارات ڏئي رهيو آهي. ڪارڪردگي ڪجهه به نه آهي. مان به وڊيو ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيان ته انهي تي ڪهڙي ڪارڪردگي ظاهر ٿيندي.
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني جي حڪومت سازش سان ڪيرائڻ کان پوءِ هنن جو ڌيان پي ٽي آءِ تي آهي، هنن صرف سمورو زور اسان تي ڏنو جنهن سبب دهشتگردي ٻيهر وڌي رهي آهي، هي دهشتگردي کي روڪڻ جي پاليسي نه پيا ٺاهين، عوام جي هنن کي ڪابه پرواهه نه آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته دهشتگردي صرف صوبي تائين محدود نه رهندي، سموري ملڪ ۾ پکڙجندي. ڪرم ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪرم ۾ جن ماڻهن حملو ڪيو انهن کي ڇڏيو نه ويندو، انهن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ رکيو ويندو.