راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان کي افغانستان مان آزاد دهشتگرد ڪارروائين تي خدشا آهن، هڪ پاڪستاني جي جان ۽ حفاظت اسان لاءِ افغانستان کان وڌيڪ اهم آهي.
پاڪ فوج آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ 2024ع ۾ پاڪستان لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون.
سال 2024 دوران گڏيل طور تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف 59 هزار 775 مختلف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا.
ڪامياب ڪارروائين دوران 925 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي دهشتگردن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.
دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج، انٽيليجنس، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان روزانو 169 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا پيا وڃن.
هلندڙ سال آپريشنز دوران 73 انتهائي گهربل دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ فدا الرحمان عرف لال،زوب ڊويزن، علي رحمان عرف طحهٰ سواتي ۽ ابو يحيٰ شامل آهن.
رياستي ادارن جي بهترين حڪمت عملي سبب 14 گهربل دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا.
سڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت عملي سبب 2 آپگهاتي بمبار گرفتار ڪري ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو، جڏهن ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف آرمي چيف جو واضح موقف رکي ٿو ۽ پرڏيهي رسالي به آرمي چيف کي دهشتگردن خلاف مضبوط موقف رکڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي.
ان ڏس ۾آرمي چيف جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي افغانستان مان آزاد دهشتگرد ڪارروائين تي خدشا آهن، هڪ پاڪستاني جي جان ۽ حفاظت اسان لاءِ افغانستان کان وڌيڪ اهم آهي.