اسلام آباد: پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ صارفين کي ميٽا جي سوشل ميڊيا سروسز واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽا گرام تائين پهچ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي صارفين طرفان انهي مسئلي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا مان ماڻهن ٻڌايو آهي ته فيس بڪ ۽ انسٽاگرام سميت واٽس ايپ تان ميسجز نه پيا وڃن، انهي کان علاوه آڊيو ۽ وڊيو جي لنڪ سروس به معطل آهي.
انهي کان علاوه صارفين ميٽا جي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٿريڊز جي سروس به معطل هجڻ جي شڪايت ڪئي آهي. صارفين شڪايت ڪئي آهي ته انهن جو فيس بڪ اڪائونٽ پاڻمرادو لاگ آئوٽ ٿي ويو آهي.