ايران جو اسرائيل تي ايندڙ حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو: آيت الله خامنائي


ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي چيو آهي ته ايران جو اسرائيل تي ايندڙ حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو، ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنهنجي مختصر بيان ۾ خامنائي چيو ته الله جي مدد سان مزاحمتي محاذ پاران يهودي رياست تي جيڪا ضرب لڳائي ويندي اها وڌيڪ شديد ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندي

 ايراني ميڊيا موجب گذريل رات ايران پاران اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب تي 4 سئو ميزائيل فائر ڪيا ويا، ميزائيل حملن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، اسرائيلي ميڊيا موجب حملن ۾ رڳو 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن

 ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته ايراني حملو اسرائيلي جارحيت جو رد عمل آهي، ايران پنهنجي ۽ خطي جي امن لاءِ دفاع واري جائز حق جو استعمال ڪيو، اسرائيل خلاف ميزائيل حملو فيصلائتو رد عمل هو

 ايران جنگجو ناهي پر هو ڪنهن به خطري خلاف مضبوط بيٺل آهي، هي اسان جي طاقت جي هڪ جهلڪ آهي، ايران سان ڦڏو نه ڪيو، ايران جي اسرائيل تي ميزائيل حملن بعد تهران، بغداد، بيرو ۽ غزه ۾ جشن

اسرائيل تي ايراني حملي جو ٻڌي ماڻهو رستن تي نڪري آيا، آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي

Iran to israel attack will be dangerous