ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، وڌيڪ 4 هزار 960 نوان ڪيس ظاهر ٿيل کانپوءِ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 98 هزار 943 ٿي ويو. صحت کاتي جي اختيارين موجب هيل تائين 2 هزار 2 ڄڻا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 36 هزار 364، پنجاب ۾ 37 هزار 90، خيبرپختونخواهه ۾ 13 هزار هڪ، بلوچستان ۾ 6 هزار 221، اسلام آباد ۾ 4 هزار 979، آزاد ڪشمير ۾ 927 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 361 ڄڻا وائرس سبب متاثر ٿيا. هيل تائين 33 هزار 465 ڄڻا ڪورونا جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا.