صدر ۽ وزراعظم طرفان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح کي  شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ مسلمانن جي تقدير تبديل ڪري ڇڏي ۽ اسان سندس جدوجهد جو احترام ڪريون ٿا.

قائداعظم جي 75هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر علي آصف علي زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح وڏو اڳواڻ هو جنهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ متحد ڪيو.

هن چيو ته پوري قوم کي انهي جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ حق خود اراديت لاءِ  ارادي تي فخر آهي جنهن لکين مسلمانن جي قسمت سنواري اسان برصغير جا مسلمان هڪ ڌار ملڪ جي لاءِ قيام لاءِ انهي جي ڪوششن جي انتهائي مقروض آهي. جتي هو باعزت طور پنهنجي سياسي، ثقافتي ۽ مذهبي حقن سان گڏ زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته قائداعظم پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد جي بدولت ڪروڙين مسلمانن جي تقدير تبديل ڪري ڇڏي. پاڪستان لاءِ قائداعظم جو وزن بنيادي طور تي جمهوري هو. قائداعظم هڪ اهڙي رياست جو خواهشمند هو جتي سمورا شهري قانون جي سامهون برابر هجن.

آصف زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ضبط جي اصولن کي مشعل راهه بنائڻ جي ضرورت آهي. قائداعظم جي تعليمات ۽ رهنمائي تي عمل ڪري اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ٿا.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام م چيو ته قائداعظم تاريخ ۾ هڪ مشهور اڳواڻ جي طور تي سڃاڻپ رکندو آهي. قائداعظم برصغير جي مسلمانن جي لاءِ  آزادي جي تحريڪ جي ولوله انگيز قيادت ڪئي جنهن جي بدولت دنيا جي پهرين  اسلامي نظرياتي رياست جو قيام عمل ۾ آيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت سماجي انصاف ۽ مساوات جي اصولن جي لاءِ انهي جي غير متزلزل عزم هڪ قوم جي بنياد رکي جتي هر شهري ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو.

شهباز شريف چيو ته اسان سندس ميراث جو احترام ڪريون ٿا ۽ هڪ عظيم قوم لاءِ پرعزم جذبي سان گڏ موجوده دور جي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائد جي پاڪستان جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ پنهنجي ارادن جو اظهار ڪريون ٿا.