والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم انتها تي پهچي ويو : عائشه فاروقي

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم انتها تي پهچي ويو آهي، ڀارت ڪورونا جي آڙ ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ عدالتن کان مٿانهان قتل ڳڻتي جوڳا آهن، يورپي يونين جي ميمبرز ڪشمير مسئلو اٿاريو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺڻو پوندو