شاهه رخ خان جا ٽام ڪروز بابت دلچسپ انڪشاف

ممبئي:بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو آهي ته هو هالي ووڊ ايڪشن هيرو ٽام ڪروز جو مداح آهي ۽ سندس فلمون شوق سان ڏسندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪنگ خان اداڪار ٽام ڪروز جي” مشن امپاسيبل“ سيريز جي واکاڻ ڪندي چيو ته کيس رومانوي فلمون ناهن وڻنديون ۽ هو ايڪشن سان ڀرپور فلمون ڏسڻ پسند ڪندو آهي.
شاهه رخ خان چيو ته جڏهن هن فلمن کان وقفو ورتو هو تڏهن سوچيو ته هن ڪا به ايڪشن فلم ڇو ناهي ٺاهي، انڪري هن ايڪشن فلمن ذريعي واپسي ڪئي.
اداڪار چيو ته هو ايڪشن کان ويندي سائنس فڪشن، هارر ۽ ٿرلرز تائين سڀني موضوعن تي فلمون ڏسندو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته کيس رومانوي فلمون صفا ناهن وڻنديون جڏهن ته سموري دنيا ۾ هو هڪ رومانوي هيرو طور ڄاتو ويندو آهي.