ميلبورن : ڪرڪيٽ آسٽريليا ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ ٽي 20 اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ايندڙ مهيني پنج ميچن جي ٽي 20 سيريز کيڏي ويندي.مچل مارش 16 رڪني آسٽريليا جي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.ٽم ڊيوڊ، گلين ميڪسويل، جوش هيزل ووڊ ۽ ايڊم زمپا پڻ ٽيم جو حصو آهن، جڏهن ته مارڪس اسٽونس ۽ جيڪ فريزر-ميڪ گرڪ ٽيم ۾ شامل نه ٿيا.پيٽ ڪمنز، ٽريوس هيڊ ۽ مچل اسٽارڪ ٽيسٽ سيريز کان پوءِ وطن واپس ايندا.ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي 20 ميچ 21، 23، 26، 27 ۽ 29 جولاءِ تي کيڏيا ويندا.