ڀارتي جارحيت خطي کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو

نيويارڪ: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ سفارتي پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جامع ڳالهين، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي ۽ ڪشمير مسئلي جي پرامن حل تي زور ڀريندي چيو آهي، ته امن جو رستو صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي. پي پي پي ميڊيا سيل پاران جاري بيان مطابق پاڪستان جي سفارتي پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي جارحيت ۽ بي بنياد الزامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه ڀارت طرفان پهلگام حملي کي بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو. هن سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفو رد ڪرڻ کي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جون ڪوششون ۽ عالمي قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون قرار ڏنو. بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارتي جارحيت خطي کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، دنيا کي ان خطرناڪ رجحان کي معمول بڻجڻ کان روڪڻو پوندو. ڀارت ڪوڙن الزامن ذريعي سرحد پار حملن کي جواز بڻايو. هن پاڪستان طرفان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، ٽياڪڙي ۽ جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي او آءِ سي جو ٿورو مڃيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته او آءِ سي هن نازڪ وقت ۾ دنيا جو اخلاقي ضمير بڻجي سامهون آئي آهي. ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ حمايت جاري رکي وڃي. او آءِ سي ملڪن، پاڪستان طرفان ڏنل شفاف بريفنگ کي ساراهيندي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ معاهدن جي احترام تي زور ڀريوان کان اڳ پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري پارلياماني وفد سان گڏ، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ڪيرولين روڊ ريگز برڪيٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ جمهوريه گيانا جي مستقل نمائندي آڏو پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پي پي پي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته پاڻي هڪ قدرتي وسيلو آهي جنهن کي هٿيار بڻائي ڀارت عالمي معاهدن کي پائمال ڪيو آهي، دهشتگردي جي هڪ واقعي کي جواز بڻائي ڀارت غيرقانوني قدم کنيا ۽ پوري خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڀارت سان جامع ڳالهين جو حل پيش ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ضرورت آهي. گڏيل قومون ڪشمير مسئلي سميت دنيا جا ٻيا تڪرار سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سلامتي ڪائونسل جي صدر ڪيرولين روڊ ريگز برڪيٽ امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ تحت ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو