مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ تقريباً 4000 ارب رپيا رکڻ جو امڪان

اسلام آباد : ايندڙ مالي سال لاءِ قومي ترقياتي بجيٽ لڳ ڀڳ 4000 ارب رپيا هجڻ جي اميد آهي. ذريعن موجب، امڪان آهي ته پي ايس ڊي پي لاءِ 1000 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. ڪميٽي ايندڙ مالي سال لاءِ 1000 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي برقرار رکڻ جي تجويز جي منظوري ڏني هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي جي واڌ کي 4.2 سيڪڙو تي رکڻ جي منظوري ڏني هئي. سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي افراط زر جو هدف 7.5 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي مقصدن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ تجويزن جي منظوري ڏيندي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان سميت چارئي وڏا وزير ۽ صوبائي نمائندا شرڪت ڪندا.