فيض حميد جي متاثرين ۾ شامل آهيان، هن مون کان معافي به گهري هئي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد مون کان معافي گهري هئي.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار فيض حميد جي گرفتاري ۽ ڪورٽ مارشل جي معاملي تي بيان ۾ چيو آهي ته اهو رب پاڪ جي طرفان هڪ معجزو هو جنهن تي مان پاڻ حيران آهيان، پهريون ڀيرو اهڙي طرح جون شيون ٿيون آهن، اهو 2011 جو پراجيڪٽ هو جنهن جو هاڻ اختتام ٿيو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته 2014 جو ڌرڻو به ناڪام ٿيو ۽ معيشت به خراب ٿي اسان اڄ تائين انهي جا نقصان ڀوڳي رهيا آهيون، نائب وزيراعظم چيو ته مان به جنرل فيض جي متاثرين ۾ شامل آهيان، جنرل فيض حميد آڪٽوبر ۾ مون کان به معافي گهري هئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد کي حراست ۾ وٺي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي قلمن تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

I am among the victims of Faiz Hameed