اڳوڻو آءِ جي جيل پنجاب شاهد سليم بيگ گرفتار

لاهور: ڳجهن ادارن پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي جيل شاهد سليم بيگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀروسي جوڳن ذريعن موجب اڳوڻي آءِ جي جيل شاهد سليم بيگ کي ڳجهن ادارن سان ويجهن رابطن جي آڌار تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

شاهد سليم بيگ پنج سال آءِ جي جيل پنجاب رهيو. اڳوڻو آءِ جي جيل شاهد سليم بيگ پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ وڃڻ کان اڳ رٽائرڊ ٿي چڪو هو

ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي آءِ جي جيل پنجاب شاهد سليم بيگ کي ان جي سرڪاري رهائشگاهه آءِ جي هائوس مان گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته اڊيالا جيل جي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان به جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن ڊي آءِ جي جيل راولپنڊي جي آفيس مان هڪ آفيس سپرنٽينڊنٽ ناظم علي شاهه کان به پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم جي ملازم کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، اڊيالا جيل جو هڪ وارڊر ۽ هيڊ وارڊر به حراست هيٺ آهن.