اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي سهولتڪارن جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو

راولپنڊي : پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سهولتڪاري تي اڊيالا جيل جي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو .
ذريعن موجب، جيل ۾عمران خان جي مبينا سهولتڪاري جي شڪ هيٺ اڊيالا جيل جي وڌيڪ ٻن آفيسرن کان پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آفيسرن ۾ اڊيالا جيل جو اڳوڻو ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ ظفر ۽ اسسٽنٽ ناظم شامل آهن، ٻئي آفيسر اڊيالا جيل جي اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ اڪرم جي ويجهو رهائش پذير هئا.
ذريعن موجب، ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ محمد اڪرم وٽان مليل معلومات تي وڌيڪ ڇهن ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن يورپي ملڪن جي نمبرن تي واٽس ايپ جي استعمال جا ثبوت به ملي ويا آهن، محمد اڪرم پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري ۽ هڪ اڳوڻي صوبائي وزير جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي.
ذريعن موجب، محمد اڪرم تي پي ٽي آءِ باني لاءِ پيغام پهچائڻ ۽ سهولتڪاري جو الزام آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ محمد اڪرم مجموعي طور 15 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين اڊيالا جيل ۾ مقرر رهيو.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ باني خلاف ظابطن جي خلاف سهولتڪاري تي جيل انتظاميا جو اجلاس اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.