انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا سروسز متاثر، سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد : سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالوجي ( آءِ ٽي ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻن هفتن اندر انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سينيٽر پلوشا خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ واري معاملي تي بحث ڪيو ويو.
فائروال بابت پي ٽي اي کي اختيارين اڄ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ تفصيل پيش ڪرڻا هئا پر پي ٽي اي اختيارين جي غير حاضري سبب ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي، فائروال واري معاملي تي ڪميٽي طرفان ان ڪيمرا بريفنگ طلب ڪئي وئي هئي.
سينيٽر همايون مهمند چيو ته اوهان ماڻهن جو روزگار تباهه ڪري ڇڏيو آهي، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ايپس سست ٿيڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، پهريان ئي سيڙپڪاري ناهي اهڙي طريقي سان ته سڄو ڪاروبار تباهه ٿي ويندي.
سينيٽر افنان الله چيو ته سوشل ميڊيا، واٽس ايپ تي ڊائون لوڊنگ ۽ اَپ لوڊنگ نه ٿي رهي آهي، انٽرنيٽ سست هئڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ پنج ملين جو نقصان ٿيو آهي.
اجلاس دوران آءِ ٽي سيڪريٽري عائشا عمر زور ڏيندي چيو ته موبائيل آپريٽرز جي سروس ۾ خلل آيو آهي، اِهو نيٽ ورڪس تي مسئلو آهي واءِ فاءِ تي ناهي، اسان وٽ انٽرنيٽ سروس بابت ڪا شڪايت ئي ناهي.
ان کانپوءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي انٽرنيٽ سروس سست هئڻ سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ طلب ڪندي ٻن هفتن اندر انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Internetsocial media services affected