بنگلاديش خلاف پنڊي ٽيسٽ جي پِچ ۽ قومي پليئنگ بابت اهم خبر اچي وئي

ڪراچي : بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي وڪيٽ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پي سي بي ذريعن موجب، بنگلاديش خلاف راولپنڊي ۾ 21 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي ٽيم۾ ٽن فاسٽ بالرن ۽ هڪ اسپنر کي کيڏائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه سان گڏ ٽيون فاسٽ بالر مير حمزا هوندو.
ذريعن موجب، عبدالله شفيق جي اوپنر طور پوزيشن کي ڪوبه خطرو نه آهي، ڪپتان شان مسعود ون ڊائون پوزيشن تي جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان شاهينز طرفان بنگلاديش اي خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ محمد هريرا جي ٽيسٽ ڊيبيو جو امڪان آهي.