جنرل باجوه ايڪسٽينشن لاءِ جنرل فيض کي هٽايو ۽ آءِ ايس آءِ کي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳائي ڇڏيو:عمران خان

راولپنڊي: پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جنرل باجوه ايڪسٽينشن لاءِ جنرل فيض کي هٽايو ۽ آءِ ايس آءِ کي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳائي ڇڏيو.

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان چيو ته فوج فيض حميد کان جاچ ڪري رهي آهي اهو انهي جو اندروني معاملو آهي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جنرل فيض حميد جو احتساب ٿي رهيو آهي اها سٺي ڳالهه آهي پر سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، آءِ بي جون رپورٽون هيون ته موجوده پنجاب اسميبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان  هر وقت جنرل باجوه وٽ ويٺل رهندو هو.؟

عمران خان چيو ته جنرل باجوه نوازشريف ۽ شهباز شريف جي چوڻ تي جنرل فيض کي هٽايو هو، جنرل فيض حميد کي هٽائڻ تي منهنجي جنرل باجوه سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، دفاع واري وزير جنرل باجوه جي ايڪسٽينشن جون ڳالهيون ڪري منهنجي موقف جي تائيد ڪئي آهي. هن چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل نه ڪري هي آئين جي ٽيون ڀيرو ڀڃڪڙي ڪندا، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون نه ڏيڻ ۽ آئين جي ڀڃڪڙي تي مان  پارٽي کي هينئر کان ئي تيار ڪري رهيو آهيان.

عمران خان صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه کان اڳ جيل عملي پي ٽي آءِ باني کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪيو جنهن تي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ عمران خان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ عمران خان چيو ته مون کي نه روڪيو هي اوپن ڪورٽ آهي، مون کي صحافين سان ڳالهائڻ ڏيو.

هن چيو ته خواجه آصف چيو آهي ته جنرل فيض جو 9 مئي جي واقعن سان سڌو سنئون تعلق آهي، سمورو معاملو منهنجي گرفتاري سان شروع ٿيو. انهي جي جاچ  ڇو نه پئي ڪئي وڃي، جيڪڏهن 9 مئي جنرل فيض ڪرايو ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. 9 مئي اصل ۾ لنڊن پلان جو حصو هو. جتي به باهيون ڏنيون ويون اتان جي سي سي ٽي وي فوٽيجز غائب آهن، فوٽيجز سامهون آڻيو ۽ اسان کي ڏوهاري ثابت ڪريو.

عمران خان چيو ته جنهن منهنجي گرفتاري جو آرڊر ڏنو اهوئي سازش ۾ ملوث آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر، چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق لنڊن پلان جو حصو هئا، قاضي فائز عيسيٰ کي فيص آباد ڪميشن ۽ ڀٽو جو ڪيس ياد اچي ويو پر اسان جي پٽيشن نه پيو ٻڌي.

هن چيو ته هان اسان روڊن تي نڪرنداسين پارٽي کي تيار رهڻ جو چيو آهي، خواجه آصف چيو آهي ته جنرل باجوه ايڪسٽينشن چاهيو ٿي اها منهنجي موقف جي تائيد آهي، جنرل باجوه پنهنجي ايڪسٽينشن جي لاءِ منهنجي حڪومت ڪيرائي ،جنرل فيض کي انهي  لاءِ مون نٿي هٽائڻ چاهيو ته ڇو ته اهو طالبان ۽ افغان حڪومت سان انگيج هو.

عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ختم ڪرڻ جو سنهري موقعو ڏنو، جنرل فيض ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ جو مڪمل پلان تيار ڪري اپوزيشن کي ڏنو هو. جنرل فيض جا طالبان سان سٺا لاڳاپا هئا، اهو 3 سالن تائين طالبان سان ڳالهيون ڪندو رهيو. مان ڪيترائي ڀيرا جنرل باجوه کي چيو ته جنرل فيض کي نه هٽايو، جنرل باجوه پنهنجي ايڪسٽينشن جي لاءِ جنرل فيض کي هٽايو ۽ آءِ ايس آءِ کي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳائي ڇڏيو.

عمران خان وڌيڪ چيو ته جنرل فيض حميد اسان جو اثاثو هو انهي کي ضايع ڪيو ويو. منهنجو جنرل فيض سان ڪوبه تعلق نه آهي، اسان جي نالي چيو پيو وڃي ته اسان طالبان سان معاهدا ڪيا ۽ انهن کي واپس آڻي ترسايو جيڪڏهن ائين آهي ته هاڻ ڪراس بارڊر دهشتگردي ٿي رهي آهي؟ اسان جي دور ۾ ڇو دهشتگردي نه ٿي.

هن چيو ته جنرل فيض زلمي خليل زاد ۽ طالبان کي مون وٽ وٺي آيو هو،  هن وقت جيتري دهشتگردي ٿي رهي آهي ان جو ذميوار باجوه کي چوندس، اڄ سمورا  طالبان اسان جي خلاف ٿي چڪا آهن. روزاني اسان جا فوجي شهيد ٿي رهيا آهن، اوهان جي مرضي آپريشن ڪريو هي سرحد ڪراس ڪري ٻئي طرف هليا ويندا ۽ ٻيهر واپس اچي ويندا.