جيڪڏهن ڪو شخص گم ٿي ويو هجي تڏهن به انهي کي ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: گم ٿي ويل ماڻهن بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص گم ٿي ويو هجي ته انهي  جي ڳولا ڪرڻ به رياست جي ذميواري آهي.

رٽائرڊ ايف آءِ اي آفيسر سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي درخواستن تي  ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪئي، جتي درخواستگذار جو وڪيل سرڪاري وڪيل ۽ پوليس اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت پوليس جي روايتي ڪارروائي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽيريو ٽائپ رپورٽ ڪاپي پيسٽ ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائي  ويندي آهي، جڏهن گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم ئي نه کنيا ويا ته لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري ارسلان جي گهر ڀاتين کي معاوضو ادا ڪيو ويو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ارسلان جي جبري گمشدگي جو تعين نه ٿيو، عدالت چيو ته جڏهن معاوضو ناهي ڏيڻو ته رپورٽ ۾ ڇو لکيو ويو.

هڪ ٻئي گم ٿي ويل جي ڪيس ۾ پوليس آفيسر جواب ڏنو ته بوٽ بيسن مان حيدر پاڻمرادو گم ٿي ويو، انهي کي ڪنهن به اداري گرفتار ناهي ڪيو. جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڻمرادو گم ٿي ويو هجي ته انهي کي به ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي، رياست پنهنجي ذميواري کان منهن نٿي موڙي سگهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي رٽائرڊ آفيسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ به فوري جي آءِ ٽي اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ٻين گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت ٽن هفتن ۾ رپورٽون طلب ڪندي گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي بهتر قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو.

Even if a person is missing