ملڪ ۾ ڊجييٽل دهشتگرد ڪئي پئي وڃي، فوج کي ڪمزور ڪرڻ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي: آرمي چيف

ڪاڪول : پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊجييٽل دهشتگرد پئي ٿئي، فوج کي ڪمزور ڪرڻ ملڪ ڪمزور ڪرڻ برابر آهي

ملڪ جي 77هين آزادي ڏڻ جي حوالي سان ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي

هن چيو ته اسان جي قومي شعور جو بنياد پاڪستان آهي. بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪجهه دهشتگرد سرگرم آهن. پر انهن کي چٿي ڇڏينداسين، پنهنجي شيهدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين

هن چيو ته اسان امن پسندي جي موقف جي ڪري نمايان مقام رکون ٿا.  فوج ۽ عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي

جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته اڄ به ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي چئون ٿا ته توهين پاڪستاني ناهيو. اسين فساد پکيڙيندڙن خلاف وڙهي رهيا آهيون ۽ ان ۾ ڪاميابي اسان جي ٿيندي

هن چيو ته اسان جي ملڪ جو بنياد ٻه قومي نظريي تي مشتمل آهي، اڄ آزادي جي ڪري اسين آزاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته قرآن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته فساد پکيڙيندڙن کي ماري ڇڏڻ گھرجي يا ملڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھرجي. ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته توهين شريعت ۽ آئين کي نٿا مڃيو ته توهان کي نه مڃينداسين

آرمي چيف جو چوڻ هو ته نا اتفاقي ۽ ڏڦيڙ ملڪ کي اندران کوکلو ۽ پرڏيهي طاقتن کي موقعو فراهم ڪندي. ڪا منفي قوت اسان جي اتحاد کي ڪمزور نٿي ڪري سگھي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪجهه قوتون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي ٻڌي ڇڏين ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي اهڙن ماڻهن جو خاتمو ڪيو ويندو.  پاڪ فوج بلوچستان جي سالميت لاءِ قربانيون ڏئي رهي آهي

هن چيو ته اسين افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. پنهنجي پاڙيسري ملڪ کي به چئون ٿا ته خارجي دهشتگردن کي پنهنجي برادر پاڙيسري ملڪ تي فوقيت نه ڏيو

آرمي چيف جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڊجيٽل دهشتگردي جي ڪڌي سازش ڪئي پئي وڃي. جنهن جو مقصد قوم ۾ مايوسي پکيڙڻ آهي. هن چيو ته ملڪي سالميت لاءِ عزم استحڪام قومي استعارو آهي، پاڪ فوج ملڪ جي اندروني ۽ بيروني حفاظت جو قسم کنيو آهي.

Digital terrorism is being done in the country