عدنان سميع 9 سالن کانپوءِ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار

ممبئي : ڀارتي ڳائڻي ۽ ڪمپوزر عدنان سميع 9 سالن کانپوءِ بالي ووڊ ۾ واپسي ڪرڻ لاءِ تيار آهي عدنان سميع 9 سالن کانپوءِ بالي ووڊ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي سلمان خان جي فلم ”بجرنگي ڀائيجان“ جي گاني ”بهر دو جهولي“ سان لکين دليون کٽي ورتيون.”پنک ولا“ جي هڪ رپورٽ موجب اها خبر ٻڌڻ کانپوءِ عدنان سميع جي مداحن جي خوشين جو انت ناهي، مداحن جو ڊگهو انتظار هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عدنان سميع جلد ئي بالي ووڊ جي نئين ميوزيڪل هارر فلم ”قصور“ ۾ رومانوي گيتن سان گڏ نظر ايندو.ميڊيا رپورٽن موجب عدنان سميع مشهور گلوڪاره پائل ديو سان گڏ جاويد محسن جي ميوزڪ ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ”قصور“ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب فلم ”قصور“ جي شوٽنگ جو ٻيو شيڊول ايندڙ هفتي ممبئي جي هڪ اسٽوڊيو ۾ ٺهيل شاندار سيٽ سان شروع ٿيندو جتي رومانوي گيت جي شوٽنگ ڪئي ويندي.