ملڪي ترقيءَ لاءِ 77 سالن جي بيماري مان جند ڇڏائڻي پوندي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪي ترقي لاءِ پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آءِ جي بحالي کي پنهنجون ترجيحون قرار ڏئي ڇڏيو. وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن صنعت ۽ زراعت کي بحال ڪرڻو آهي ته پيداواري لاڳت گهٽائڻي پوندي جنهن ۾ بجليءَ جي قيمتن جو وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته پيداواري لاڳت گهٽائڻ بدران برآمدات کي وڌائڻ بيوقوفي هوندي، ايف بي آر جي بحالي کانسواءِ نه مالي گنجائش نڪرندي ۽ نه ئي قوم ترقي ڪري سگهندي. وزيراعظم گورننس ۾ بهتري لاءِ ڊجيٽائزيشن کي ضروري قرار ڏيندي چيو ته وزارتن وٽ اختيار آهي، پنهنجو پاڻ کي پيپر ليس ڪن، ملڪ ۾ ڪاروبار جي ترقي لاءِ سرگرم ٿين. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪريز کان ٻاهر نِڪري ڇڪو هڻندئو ته ڪپتان سميت اوهان کي به ڪريڊٽ ملندو، اسان کي 77 سالن جي بيماري مان جند ڇڏائڻي آهي.

For the development of the country