فلم سائن ڪرڻ کان اڳ گهرواري کان مشورو وٺندو آهيان: وڪي ڪوشل

ممبئي : بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشل انڪشاف ڪيو آهي ته مان ڪا به فلم سائن ڪرڻ کان اڳ پيءُ ۽ گهرواري کان مشورو وٺندو آهيان.
ڀارتي ميڊيا سان گفتگو ڪندي وڪي ڪوشل چيو ته مان هر فلم جي اسڪرپٽ جو غور سان جائزو وٺندو آهيان ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪو مونجهارو هجي ته پنهنجي پيءُ ۽ گهرواري سان اسڪرپٽ تي ڳالهائيندو آهيان ۽ مشورو ڪندو آهيان.
هن چيو ته مان پاڻ ڪڏهن اسڪرپٽ لاءِ ها ڪرڻ ۾ تڪڙ ناهيان ڪندو ۽ والد جي مشوري کي اهميت ڏيندو آهيان، والد ڊائريڪٽر آهي، تنهن ڪري هر لحاظ سان سوچي سمجهي مشورو ڏيندو آهي.