شاگردن جو الٽيميٽم: بنگلاديش جي چيف جسٽس عبيدالحسن استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڍاڪا: شاگردن جي الٽيميٽم کي نظر ۾ رکندي بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

بنگلاديشي ميڊيا موجب ڍاڪا ۾ سوين مظاهرين سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ ڪري چيف جسٽس عبيدالحسن کي استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪلاڪ جو الٽيميٽم ڏنو هو.

مظاهرين استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ججز جي رهائشگاهن تي حملو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هاڻ اهي رپورٽون اچي رهيون آهن ته چيف جسٽس اڄ شام جو صدر سان مشاورت کان پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪندو.

چيف جسٽس ٻنهي ڊويزن جي ججز سان فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪيو هو، احتجاجي شاگردن فل ڪورٽ اجلاس سڏائڻ کي بغاوت قرار ڏيندي عدالت جو گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن تي چيف جسٽس اجلاس ملتوي ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

ياد رهي ته بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد هڪ مهيني کان جاري عوامي مظاهرن ۽ دٻاءُ کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ فوج شاگرد تحريڪ جي مطالبي تي نگران حڪومت جوڙي ڇڏي.