9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري بابت درخواست، عدالت مان اهم بيان سامهون اچي ويو

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته 9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري بابت خيبرپختونخوا حڪومت جي درخواست کي غور هيٺ نٿو آڻي سگهجي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان پختونخوا جي ايڊووڪيٽ جنرل کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته درخاوست جي موجودا صورت ڪي پي گورنمينٽ رولز آف بزنس 1985 جي ڀڃڪڙي آهي جنهن سبب درخواست غور هيٺ نٿي آڻي سگهجي.

ياد رهي ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي نوَ مئي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن بابت خط لکيو هو، جنهن ۾ هن جڊيشل آفيسر مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.

On the request for judicial inquiry of May 9 events