شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڍاڪا : ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو ۽ هوءَ ملڪ ڇڏي ڀارت فرار ٿي وئي هئي. ٻئي پاسي حسينا واجد جي پٽ صجيب واجد طرفان پنهنجي ماءُ جي وطن واپسي بابت مختلف بيان سامهون اچي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو دوران صجيب واجد دعويٰ ڪئي ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم حسينا واجد چونڊن دوران وطن واپس موٽي ايندي پر هن اِهو واضح ناهي ڪيو ته هوءِ چونڊن ۾ حصو وٺندي يا نه.
اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ چيو ته مون کي سياست ۾ ڪا خاص دلچسپي نه هئي پر هاڻي جيڪڏهن ضرورت پئي ته سياست ۾ اچڻ کان نه ڪيٻائيندس.
صجيب واجد چيو ته يقين آهي ته عوامي ليگ نه رڳو چونڊن ۾ حصو وٺندي پر اسان کٽي به سگهون ٿا، امڙ فلحال ڀارت ۾ آهي، چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي وطن واپسي موٽي پهچندي.