بنگلاديش: ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهي ۾ عبوري حڪومت حلف کڻي ورتو

ڍاڪا : بنگلاديش ۾ نوبل انعام يافته پروفيسرڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهي ۾ عبوري حڪومت حلف کڻي ورتو،

حلف برداري تقريب بنگلاديش جي ايوان صدر ۾ ڪوٺائي وئي، جتي ڊاڪٽر يونس کاان بنگلاديشن جي صدر محمد شهاب الدين حلف ورتو

رپورٽن موجب، ناهيد اسلام ۽ آصف محمود به 17 رڪني عبوري حڪومت ۾ شامل آهن.

ياد رهي ته شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ۽ پارليامينٽ جي ٽٽڻ بعد نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس کي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر محمد يونس پيرس مان وطن واپس پهتو ته جذباني منظر هئا.