ڊي جي آءِ ايس پي آر اڄ 3 وڳي اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو

راولپنڊي:  ڊي جي آءِ ايس پي آر اڄ 3 وڳي اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڄ بنپهرن جو 3 وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو جنهن ۾ قومي سلامتي جي معاملن بابت بريفنگ ڏني ويندي.

ياد رهي ته سومر 22 جولاءِ تي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ قومي سلامتي بابت معاملن تي پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو هو ته هلندڙ وقت ۾ پاڪ فوج جي خلاف منظم پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وڌندڙ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا کي نظر ۾ رکندي اسان پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ميڊيا کي بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته عزم استحڪام کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي جڏهن ته عزم استحڪام فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي جي خلاف هڪ گڏيل مهم آهي.