ريمي سين به سرجري ڪرائي ورتي: تصويرون وائرل

ممبئي: ماضيءَ ۾ بالي ووڊ جي ڪيئي سپر هٽ فلمن ۾ اداڪارا جا جوهر ڏيکاريندڙ ريمي سين کي مداح ويجڙائي ۾ پلاسٽڪ سرجري کانپوءِ ڏسي دنگ رهجي ويا

ريمي سين ڪيترن ئي ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ باغبان، ڌوم، گرم مسالا، ڦر هيرا ڦيري ۽ گول مال وغيرا شامل آهن، اداڪارا بالي ووڊ مان غائب ٿيڻ کان اڳ 2015 ۾ رئيليٽي ٽي وي شو بِگ باس ۾ به حصو ورتو هو

تازو ئي انسٽاگرام تي اداڪارا جون تصويرون ڪجهه تصويرون وائرل ٿيون جيڪي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيون آهن

ويب سائيٽ ريڊيٽ تي ڪجهه واهيپدارن دعويٰ ڪئي ته ريمي پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي جنهن سبب هوءَ بلڪل مختلف نظر اچي رهي آهي. سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڪيل تبصرن ۾ ڪجهه ناڪاري جڏهن ته ڪجهه هاڪاري تبصرا پڻ شامل آهن