اسلام آباد جي 3 تڪن ۾ مبينه ڌانڌلي: (ن) ليگ جي ڪامياب اميدوارن کان ٻيهر حلفيه بيان طلب

اسلام آباد: اليڪشن ٽربيونل ۾ اسلام آباد جي 3 تڪن ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي آهي، اليڪشن ٽربيونل مسلم ليگ(ن) جي ڪامياب اميدوارن کان ٻيهر حلفي بيان طلب ڪري ورتا.

جسٽس طارق محمود جهانگيري جواب وقت تي جمع نه ڪرائڻ تان راجا خرم نواز ۽ طارق فضل تي 20 هزار روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو، جسٽس طارق محمود جهانگيري ريمارڪس ڏنا ته پهريان حلفي بيان ايندا پوءِ اسان اڳيان ڏسنداسين.

جسٽس طارق محمود جهانگيري طارق فضل چوڌري جي وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته چپ ڪريو، جڏهن عدالت چئي ڇڏيو ته خاموش ٿي وڃو. طارق فصل چوڌري جي وڪيل سردار تيمور وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو.

جسٽس طارق محمود جهانگيري ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل روزاني جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي ۽ 180 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيڻو آهي. ڌريون 7 ڏينهن جي اندر جواب داخل ڪرڻ جون پابند آهن. جواب سان گڏ حلفيه بيان به جمع ڪرائڻو آهي.

اليڪشن ٽربيونل هڪ ڏينهن کان پوءِ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي اين اي 48 ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 9 جولاءِ، اين اي 47  ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 10 جولاءِ جڏهن ته اين اي 46 ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 11 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.