لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ سزائن کان پوءِ نااهلي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي طلب ڪري ورتو.رپورٽ موجب جسٽس خالد اسحاق جي آڏو درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ محمد احمد چٺه ۽ محمد خان بچهر طرفان شهزاد شوڪت ايڊووڪيٽ دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران صوبائي اسيمبلي ميمبر افضل ساهي طرفان ايڊووڪيٽ ارشد نذير مرزا عدالت ۾ پيش ٿيا.شهزاد شوڪت ايڊووڪيٽ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌڻ کان سواءِ نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. 63 اي جي تحت اميدوار کي ٻڌي نااهل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. عدالت انهن کي ٻڌي ئي سزا ٻڌائي آهي. اسيمبلي جي اسپيڪر کي ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻڻو هوندو آهي. اسپيڪر وٽ نه ريفرنس آيو نه ئي هن اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو.وڪيل موجب 13 جولاءِ تي فيصلو آيو ۽ 5 آگسٽ تي نااهل قرار ڏنو ويو. ڇا هاڻ اي ٽي سي جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جيان سمجهيو ويندو؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جيڪڏهن اوهان جي سزا معطل ٿي وڃي ته اوهان صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رهندا؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته جي مان ميمبر ئي رهندس.ايڊووڪيٽ ارشد نذير مرزا چيو ته جيڪڏهن ڪو قتل ڪري ڇڏي انهي تي ڏوهه ثابت ٿي وڃي ته ڇا اهو اسيمبلي جو ميمبر رهندو؟ اپيل جي 30 ڏينهن جو به انتظار نه ڪيو ويو عدالت نااهل قرار ڏيڻ جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي.