ڪراچي: ڪراچي ۾ جشن آزادي معرڪه حق جي سلسلي ۾ خصوصي آزادي ٽرين جو افتتاح ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ربن ڪاٽي خصوصي آزادي ٽرين جو افتتاح ڪيو. صوبائي وزير ڪينٽ اسٽيشن تي جشن آزادي جو ڪيڪ به ڪاٽيو.
انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان ڊيزرٽ ٽرين پهريان کان هلي رهي آهي، هاڻ خصوصي آزادي ٽرين به مفت هلائي پئي وڃي.
هن چيو ته جشن آزادي سان گڏ معرڪه حق جي ڪاميابي کي جوش، خروش سان ملهايو پيو وڃي، اسان جي فورسز معرڪه حق ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، ڀارت کي پنهنجي ٽيڪنالاجي تي تمام گهڻو غرور هو.
هن چيو ته اسان کي پنهنجا اختلاف وساري سمورن چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي، سنڌ حڪومت هميشه غريب عوام جي ڳالهه ڪئي آحي. سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهتري طرف گامزن آهي، عوام کي صرف سياسي نعرا نه گهرجن.