ڪوئٽه: بلوچستان حڪومت سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سموري صوبي ۾ رات جي وقت پبلڪ ٽرانسپورٽ جي گاڏين جي چرپر تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
سيڪريٽري ٽرانسپورٽ موجب صوبي جي شاهراهن تي شام 5 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين عوامي ٽرانسپورٽ کي هلائڻ جي اجازت نه هوندي. پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪمپنين جي روٽ پرمٽ کي ختم ڪيو ويندو.
اهو فيصلو گذريل ڏينهن صوبائي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ محمد حيات ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته گهرو وزارت جي هدايت تي عمل ڪندي رات جي سفر تي پابندي کي سختي سان لاڳو ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي صوبي جي شاهراهن تي رات جي وقت پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي وئي هئي.