راولپنڊي: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون، ٽيڪس جي شرح وڌائڻي پوندي، وڌيڪ تبديلي آڻي رهيا آهيون، جيڪي خال خالي رهجي ويا آهن انهن کي ڀري رهيا آهيون.
راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس ۾ يوم آزادي ۽ معرڪه حق جي تقريب ۾ واپاري برادري کي خطاب ڪندي هن چيو ته سمورن پاڪستانين کي يوم آزادي جي اڳواٽ مبارڪباد ڏيان ٿو. جذبه ايمان ۽ قومي اتحاد ملڪ جي نشاني آهي، قومي سلامتي ۽ معاشي استحڪام هڪ ٻئي جي لاءِ لازمي آهن.
ناڻي واري وزير چيو ته پاليسي ٺاهڻ جي نتيجن مان سڀني کي فائدو ٿيو، انهي جي لاءِ ڪوشان آهيون. اڄ صارفين جو اعتماد بلند ترين سطح تي آهي، اسان جي اڪانومي جور ڪارڊ وڌي رهيو آهي.هن چيو ته هلندڙ سال سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ تيزي ايندي، ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. جڏهن ته مقامي طور تي ڪاروبار جي فضا به بهتر ٿي آهي. سڀني کي اپيل آهي ته اسان گڏجي قدم سان قدم ملائي اڳيان وڌنداسين.
گذريل ڏيڍ سال ۾ آمدني ۾ اضافي جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، روپئي جي قيمت ۾ استحڪام ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي جا فيڪٽ فگر سڀني جي سامهون آهن. اسان کي وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي، جلد اوهان کي نتيجا به ملندا. هن چيو ته قرضن ۾ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، زرعي قرض اڍائي ٽريلين کان وڌي ويا آهن، گذريل سال ۾ هڪ ٽريلين ڊيٽ سروس واپس ڪيا آهن.
محمد اورنگزيب چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي وڏي تبديلي جو سبب اهو آهي ته نئين سرمائيڪارن جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. 45 وزارتن ۾ رائٽ سائزنگ جاري آهي، پينشن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي به ڪم ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ويراعظم ايف بي آر جي ٽرانسفرميشن جي گڏجاڻي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون. ٽيڪس جي شرح وڌائڻي پوندي، اسان اڃان وڌيڪ تبديلي آڻي رهيا آهيون جيڪي ٽوپ پول آهن انهن کي بند ڪري رهيا آهيون.
عالمي مالياتي اداران اسان جي قدمن جي تعريف ڪئي آهي، آمريڪه سان ٽيرف بابت ڊيل به ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان مالياتي منصوبي تي ڳالهيون ٿيون آهن پاڪستان اڍائي سالن کان پوءِ ميڊل ايسٽ مان هڪ ارب ڊالر سرمايو گڏ ڪيو آهي. ٻاهرين محاذ تي جيڪو اثر پيو آهي انهي جا مختلف سروس موجود آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ سٺي اميد برقرار آهي، اهڙي معيشت ٺاهينداسين جنهن جا بهتر نتيجا حاصل ٿيندا. پرائيويٽ سيڪٽر هن ملڪ جي اڳواڻي ڪري ته وڌيڪ بهتري ايندي.
محمد اورنگزيب چيو ته گذريل اڍائي سالن ۾ معيشت محڪم ٿي آهي، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي آهي ۽ انهي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش به آهي. وياج جي شرح ۾ جلد وڌيڪ گهٽتائي جو اعلان به ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اسان ملڪ جي سمورن چيمبرز سان ملاقاتون ڪري رهيا آهيون، اسان صرف بجيٽ جي جوڙجڪ کان علاوه سمورن واپارين سان رابطي ۾ رهنداسين بلال ڪياني هر مهيني چيمبرز سان تفصيلي ملاقاتون ڪندو، اسان مشاورتي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بنائڻو آهي.