ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ٿيو ته اهو آخري آءِ ايم ايف پروگرام نه هوندو: محمد اورنگزيب

اسلام آباد:وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ڪيو ته آءِ ايم ايف سان اهو اسان جو آخري پروگرام نه هوندو.

برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته هن مهيني آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ جي لاءِ پراميد آهيون. هن چيو ته ملڪ جو دارومدار درآمدات تي آهي جنهن جي ڪري قرضن جي ادائيگي لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻو پوندو آهي.

وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي قرضن جي ادائيگي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيستائين معيشت درآمد تي ٻڌل رهندي اسان وٽ ڊالر ختم ٿيندا رهندا.

هن اهو به چيو ته ماڻهو رشوت، ڪرپشن ۽ حراسمينٽ جي ڊپ کان ايف بي آر کان ڊيل نٿا ڪرڻ چاهين.