گرفتاري وارنٽ خارج، سچ جي جنگ وڙهون پيا،عمر ايوب

سرگوڌا: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جا گرفتاري وارنٽ خارج ڪري ڇڏيا.سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو آهي ته اي ٽي سي منهنجا ٻنهي ڪيسن ۾ گرفتاري وارنٽ خارج ڪري ڇڏيا آهن.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته اسان سچ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني تمام ضروري آهي.هن چيو ته 5 ڪلاڪ انتظار ڪرڻ باوجود شبلي فراز ۽ مون کي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نه ڏنو ويو.