ڪراچي: هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ وڌي 26 ٿي ويو

ڪراچي: ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

سنڌ جي صحت کاتي موجب جناح اسپتال ۾ 3، عباسي شهيد اسپتال ۾ 5 ۽ سول اسپتال ۾ هڪ مريض فوت ٿيڻ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي

شهر ۾ پهرين جون کان هينئر تائين هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪراچي هن وقت سخت گرمي هيٺ آهي. گرمي پد  لاڳيتو 40 ڊگري تي پهچي رهيو آهي جڏهن ته سامونڊي هوائون بند هجڻ سبب گرمي جي وڌيڪ شدت محسوس ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي ۾ سخت گرمي سان گڏوگڏ بجلي جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ شروع ٿي ويا آهن

Karachi: 9 more people died due to heat stroke