مان حامله ناهيان، اشنا شاهه ثبوت طور وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

لاهور : مشهور اداڪارا ۽ ماڊل اشنا شاهه پنهنجي حمل بابت پڇيل سوال جي ثبوت طور هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڊريس جي منفرد ڪٽ سبب اهي افواهون جنم وٺي رهيون هيون ته اداڪاره عشنا شاهه حامله آهي.ان تي، اداڪاره باضابطه طور تي انهن افواهن جي ترديد ڪئي هئي.ڪالهه اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن سان سوال ۽ جواب جو سيشن شروع ڪيو.ان دوران به اداڪارا کي حمل سان لاڳاپيل سوالن کي منهن ڏيڻو پيو.هڪ انسٽاگرام صارف پڇيو ته “ڇا توهان حامل آهيو؟” ان جي جواب ۾ اداڪارا هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ ٿلهي قميص ۾ پنهنجي پيٽ کي چنبڙيندي پنهنجي فٽنيس جو مظاهرو ڪري رهي آهي. اداڪارا جو چوڻ آهي ته نه مان حامله ناهيان پر ناراض ضرور آهيان.

I am not pregnant